اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهين جي شناختي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪارڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد منصوبن جو افتتاح ڪيو. نادرا پاران جاري ڪيل بيان موجب نادرا هيڊڪوارٽر آمد تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو، وزيراعظم کي نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم 66 نئين آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين وسيع ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهندڙ غير ملڪي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئن شناختي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪيو، ان ڪارڊ جي ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي نوڪريون حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙن سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪارڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان بچي به سگهندا.
متعلقہ مضامین
-
بہترین الیکٹرانک والیٹ سلاٹس کا انتخاب
-
اسلام آباد میں سلاٹ گیمز کی مقبولیت میں اضافہ
-
سلاٹ مشینیں اور اردو زبان کے جدید اختیارات
-
آن لائن سلاٹس کی دنیا میں دلچسپ اور محفوظ کھیل
-
پروگریسو سلاٹ مشین کی نمایاں خصوصیات
-
سلاٹ مشینوں کی تاریخ اور اہم معلومات
-
ملٹی وائلڈ سلاٹ گیمز کی دلچسپ دنیا
-
سلاٹ مشین بونسز کا دعویٰ کرنے کا آسان طریقہ
-
آن لائن اردو سلاٹس گیمز کا تجربہ اور ان کی دلچسپی
-
بہترین RTP والے سلاٹس: کھلاڑیوں کی واپسی پر توجہ
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: جدید دور کی کھیل کی دنیا
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: آن لائن کھیلوں کی دنیا میں ایک نئی انقلاب