استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو جيڪو پاڪ – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ اهم سنگ ميل رکندڙ آهي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي گذرندڙ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ترقي جو سفر جاري رکندا. وزيراعظم مح??د شهباز شريف صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. استنبول شپ يارڊ ۾ پي اين ايس خيبر لانچنگ تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپ??ر وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاعي پيداو??ر وارو وفاقي وزير اسرار ترين پڻ موجود هئا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻئي گهر ترڪيه جو ٻيهر دورو ڪرڻ تي خوش آهيان، اڄ جو ڏينهن ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??اريخي لاڳاپ?? ۾ ??ظيم ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪيه هر عالمي فورم تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته صدر رجب طيب اردوان هڪ دورانديش اڳواڻ آهي، ان جي قيادت ۾ ترڪيه جديد فلاحي رياست بڻجي چڪو آهي، ترڪيه جي ڏورانهن علائق?? ۾ ??موريون بنيادي سهولتون ميسر آهن. وزيراعظم چيو ته توهان امن سان رهڻ چاهيو ٿا ته توهان کي جنگ جي لاءِ به تيار رهڻو پوندو، اڄ دنيا کي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڪڻۡ برآمد معاهدي ۾ ترڪيه جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪ – ترڪيه لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي به توانائي جي کوٽ درپيش آهي، پاڪستان قابل تجديد توانائي ۽ توانائي جي سستي ذريعن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي قابل تجديد توانائي ذريعا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻئي ملڪ آلودگي ۾ گهٽتائي جي لاءِ به گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي گذريل ڏينه?? ۾ ??دترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، ترڪيه پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، ترڪيه مان 15 جهاز امدادي سامان کڻي پهتا، ماضي ۾ به مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاڪستان جي مدد ڪئي، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ترقي جو سفر جاري رکندا. وزيراعظم جهاز جي تياري ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان خطاب ڪندي چيو ته پاڪ – ترڪيه ماهر ملجم منصوبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ترڪيه پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون گڏيل لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهن، دهشتگردن جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي گامزن آهن. دفاعي پيداو??ر واري وفاقي وزير اسرار ترين چيو ته پي اين ايس خيبر جي لانچنگ تقريب خوش آئنده آهي، پاڪ – ترڪيه تعاون سان دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پي اين ايس خيبر سان پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته صنعتي ڍانچي جي مضبوط ٿيڻ سان پاڪ – ترڪيه واپاري لاڳاپن کي پڻ فروغ ملندو. هن چيو ته اسان دهشگردي سميت سمورن درپيش چئليجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ بيٺل آهيون، ترڪيه ڪشمير مسئلي تي سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط دفاعي لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهيا آهن، ٽئين پي اين ايس خيبر جي لانچنگ سان پاڪستان جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو، سامونڊي دفاع تي معاونت تي ترڪيه جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز پي اين ايس بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
CM orders launch of tree plantation drive on Int’l Day of Forests
-
Delay expected in pension scheme for armed forces
-
ہری مرچ کا آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک حاصل کریں
-
Tomb Robber Jane’s Lucky Crypt Entertainment Official APP
-
سبا اسپورٹس ایک معروف بٹنگ ویب سائٹ
-
COAS confirms death sentences for 11 convicts of terrorism, sectarian violence
-
All resources to be used root out militants: Afgun
-
Murad underlines the benefits of census
-
Butterfly Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
MT آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا پلیٹ فارم
-
فارچیون ٹائیگر ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ داخلہ کے ساتھ اپنے کیریئر کو نئی بلندیوں تک لے جائیں
-
مٹر پاری انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات