ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ??رڻ جي لاء?? خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي صلاحيتون رکندڙ رانديگر راند جي ميدان وانگر زندگي جي ٻين شعبن ۾ به جذبي ۽ لگن سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر ۽ خاتون اول سان ملاقات ڪئي. صدر ۽ خاتون اول خصوصي صلاحيتون رکندڙ ايٿليٽس کي برلن ۾ اسپيشل اولمپڪس ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته خصوصي صلاحيتون رکندڙ رانديگرن اسپيشل گيمز ۾ 80 کان تمغا کٽي ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. هن چيو ته خصوصي ٻار معاشري جا اهم ميمبر آهن، انهن کي ضروري هنر ۽ خصوصي تعليم ڏني وڃي. صدر چيو ته خصوصي ٻارن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ٺوس تعليم سان معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت آگاهي وڌندي. هن وڌي?? چيو ته ٻارن کي خصوصي ضرورتون رکندڙ ٻارن جي حقن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان خصوصي ماڻهو مدد حاصل ڪري سگهن ٿا.
متعلقہ مضامین
-
Govt to issue Benazir Hari cards to thousands of farmers
-
Punjab to get world-class ‘Cardiac hospital’ soon: Chairman PIC
-
10 terrorists killed as forces foil attack on KP checkpost
-
CASS seminar deliberates on implications of ‘fractured’ West-led global order
-
گیلی کارڈ گیم آفیشل ویب سائٹ - مکمل رہنمائی اور تفصیل
-
ولف گولڈ انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ
-
Turkish experts to train TEVTA teachers
-
Rs 4,839.554bn disbursed to provinces under NFC Award in three years
-
PTI will stand its ground until demands are met: Sarwar
-
From Shaukat Khanum with love
-
فروٹ کینڈی آفیشل گیم کی آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
شمال مشرقی الیکٹرانکس کا آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے: آپ کے الیکٹرانک حل کا مرکز